جناح انٽرنيشنل ايئرپورٽ

جناح انٽرنيشنل ايئرپورٽ

جناح انٽرنيشنل ايئرپورٽ

جناح انٽرنيشنل ايئرپورٽ: پاڪستان جي سڀ کان پهرين ۽ وڏي هوائي اڏي جو نالو جيڪو ڪراچيءَ ۾ واقع آهي. هن هوائي اڏي تي اهو نالو، پاڪستان جي باني ۽ پهرين گورنر جنرل قائد اعظم محمد علي جناح جي نسبت سان رکيو ويو. هيءُ منصوبو 1992ع ڌاري 100 ملين آمريڪي ڊالرن جي لاڳت سان (N.E.S.PAK) نيشنل انجنيئرنگ سروس آف پاڪستان جرمني جي ڪمپنيءَ (فرئنڪ فٽ) جي ماهر انجنيئرن ۽ فـرانـس جي سوگيا (Sogea) نالي تعميراتي ڪمپني ٺاهي مڪمل ڪيو ۽ هن وقت به هڪ مهانگو ترين تعميراتي منصوبو آهي. شروع شروع ۾ هن کي قائد اعظم انٽرنيشنل ايئرپورٽ سڏيو ويندو هو. جنهن کانپوءِ جناح انٽرنيشنل ايئرپورٽ سڏجڻ لڳو. هن وقت هي هوائي اڏو پي. آءِ. اي پاڪستان انٽرنيشنل ايئرلائين ۽ ٻين نجي اڏام ڪمپنين جو مرڪز آهي. هوائي اڏي جي عمارت ۾ جهازن جي اَچ وَڃ لاءِ مخصوص رستو آهي، جيڪو ٻن سيٽ لائيٽن سان ڳنڍيل آهي. اوڀر طرف لڳل سيٽ لائيٽ عالمي مسافرن جي جاچ پڙتال لاءِ مخصوص آهي، جڏهن ته اولهه ۾ لڳل سيٽ لائيٽ گهريلو اڏامن (Domestic Flights) کي صحيح طريقي سان منهن ڏيڻ (Handle) لاءِ آهي. ان کان علاوه هتي هڪ (V.I.P) لائونج آهي، جيڪا صرف (Busincess Class) تجارتي طبقي لاءِ مخصوص آهي. هوائي اڏي تي جهازن جي بيهڻ لاءِ مخصوص پليٽ فارم آهي، جن کي (Hangers) چئبو آهي، سڀ کان وڏو هئنگر اصفهاني هئنگر جي نالي سان آهي، جيڪو (P.I.A) جي اڳوڻي چيئرمين مرزا احمد اصفهانيءَ جي نالي سان منسوب ڪيل آهي، پاڪستان سول ايويئيشن اٿارٽيءَ جي هيڊ آفيس (ٽرمينل 1) تي جڏهن ته پاڪستان انٽرنيشنل ايئرلائين جي مکيه آفيس، هوائي اڏي جي ميدان تي آهي. جناح عالمي هوائي اڏي تي 3200 کان 3400 ميٽرن تائين جا مخصوص رستا ٺهيل آهن، جن مان هر هڪ جي ويڪر 250 فوٽ آهي.


لفظ جناح انٽرنيشنل ايئرپورٽھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو